علي اصحابي بخاريءَ جو قبو

علي اصحابي بخاريءَ جو قبو

علي اصحابي بخاريءَ جو قبو

علي اصحابي بخاريءَ جو قبو: علي اصحابيءَ جو مقبرو ڳوٺ حاڪم علي اعواڻ، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي. هي سادڙي گول اڏاوت آهي، جنهن کي اوسي پاسي اڳيان پويان ڪابه ٻي اڏاوت ٿيل ڪانه آهي. هن قسم جي مزارن جون اڏاوتون سنڌ ۾ ڪونه آهن. پر فيض گنج تعلقي ۾ بي بي مريم جو مقبرو به ذري گهٽ هن نموني ٺهيل آهي. ان اڏاوت کي در وارو ٺاٺو ڏنل آهي، جيڪو تمام سادو آهي. علي اصحابيءَ واري مقبري کي ڪوبه در جو ٺاٺو ڏنل ڪونه آهي. ڀتيون لسيون اٿس.گنبذ به انهن ڀتين تي رکيل آهي، جيڪو ساڳئي وقت ڇت جو ڪم ڏئي ٿو. دروازي کي طاق پيل ڪونه آهن. ممڪن آهي ته ڪنهن زماني ۾ طاق پيل هجن. مٿان چوٽيءَ تي ننڍڙو ڪلسو ڏنل آهي. جڏهن ته گنبذ ۾ سوراخ ڪري هوا جو گذر ٺاهيو ويو آهي. دروازي جي آڏو چوڪور زمين جي ٽڪري تي سرون هڻي بوٽن رکڻ/ لاهڻ جي جاءِ ٺاهي وئي آهي. مقبري نشين بابت ڪابه خبر ڪانه آهي. هن مقبري ڏانهن ايندي ڪيترائي ننڍا مٽيءَ جا دڙا ملن ٿا، جن تان ٺڪريون به لڀن ٿيون. مقامي ماڻهن اتان سڪا به لڌا آهن، پر ڪنهن به ماهر هنن دڙن تي ڪم نه ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو